ڄام غلام شاهه ڪوريجي جو مقبرو

ڄام غلام شاهه ڪوريجي جو مقبرو

ڄام غلام شاهه ڪوريجي جو مقبرو

ڄام غلام شاهه ڪوريجي جو مقبرو: هن مقبري کي عام طور تي ڄام بجار خان جو مقبرو به چيو وڃي ٿو، بجار خان سندس عرفيت هئي لسٻيلي ۾ موجود ڄام صاحبن جو هي تاريخي قبرستان آهي. آڳاٽي روايت مطابق هن مقام ۾ موجود قبرون چوکنڊيءَ جي فن جو اعليٰ ۽ نادر نمونو آهن، جن مان ڄام غلام شاهه ڪوريجي (ڄام بجار) جو مقبرو به چوکنڊيءَ جو اعليٰ مثال آهي. مقبري جي اڏاوت جو سال 1190هه/1776ع ڄاڻايل آهي. جيتوڻيڪ گھڻو وقت گذرڻ سبب مقبري جي شروعاتي نقش و نگار ۾ ڪي معمولي تبديليون آيون آهن، تنهن هوندي به هن مقبري جي حشمت ۽ دلڪشي اڃان تائين برقرار آهي. هي مقبرو مجموعي طور ڳاڙهسري جوڌپوري پٿر تي اڪر جي نفيس ڪم سان جڙيل آهي. چورس ايراضيءَ جي وچ تي ڄام غلام شاهه جي مقبري کي ڪل 8 ٿنڀا آهن، جن تي مستطيل انداز ۾ ڇٽي (Umbrella) ٺهيل آهي، جنهن جي چئني ڪنڊن تي هڪ جيتري ماپ جا چار برج تعمير ٿيل آهن . جيڪي پري کان ’کٽ‘ جو ڏيک ڏيندا آهن. هن اڏاوت جو گنبذ ڊهي ويو آهي، باقي ڪجھه نشان بيٺا آهن. کليل ميدان تي واقع هن ڇٽي نما مقبري جا چئني طرفن کان ٻه ٻه گول ونگن وارا ڪل اٺ لنگھه (گذر گاهون) آهن. ڇٽيءَ ۽ لنگھن جي وچ واري حصي تي ٻاهرئين طرف جوڌپوري پٿر تي اڪر جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. ڄام غلام شاهه جي مقبري تي به اڪر جا خوبصورت نقش و نگار چٽيل آهن. مزار جي سيرانديءَ جو هيٺيون حصو لهردار لڪيرن ۽ ٽڪنڊن خانن سان ورهائي سجايل ۽ سينگاريل آهي، جڏهن ته مٿئين حصي تي ڄام غلام شاهه ڪوريجي جي نالي ۽ وفات جي سن جو ڪتبو نصب ٿيل آهي، سندس ڪتبي وارو پٿر مولهه وانگر آهي ۽ ان قسم جا ڪتبا رڳو حاڪمن جي قبرن تي ٺاهيندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو